پِيش مان ٺهندڙ مختلف سامان

پِيش مان ٺهندڙ مختلف سامان

پِيش 2

پِيش (Dwarf date Palm): هڪ قسم جي کجيءَ جو ٻوٽو آهي، جيڪو جبل جي ڪڇ ۾ يا نئين جي ڪنارن تي ٿيندو آهي. هي کجيءَ جهڙو گول ٿڙ وارو ٻوٽو آهي، ٿڙ جي گولائيءَ کي گولاڻ سڏيندا آهن. پيش جو ٻوٽو ٻج پوکڻ کان سواءِ پاڻمرادو پيدا ٿئي ٿو، کٻڙ وانگر جيترو ان کي وڍيو، اوترو گهڻو وڌندو. پيش شروعات ۾ سنگ جهڙو ڦل ڪندي آهي، جنهن کي ’ڪور‘ سڏين ٿا. ٻور مان ’چيلهه‘ پئدا ٿئي ٿو، جيڪو جڏهن ڪچو هوندو آهي ته سائو هوندو آهي چيلهه ٿورو وڏو ٿئي ته ان کي ’ڪونار‘ يا ”پيش جو ڏوڏو“ ڪوٺين. ڪونار جي شڪل ٻير جهڙي ۽ ذائقو مٺو ٿئي ٿو. ڪونار جو شروعات ۾ رنگ ڦڪو ٿئي ٿو. جيڪو آخر ۾ ڳاڙهو رنگ اختيار ڪندو آهي. اهو ميوو، جابلو لوڪن جو من پسند ڦل آهي. ڪونار جو کوکڙو رکڻ سان ڪارو ٿيو وڃي. ماڻهو کوکڙي کي گهي، ان جي وچ ۾ سوراخ ڪري تسبيح لاءِ داڻا ٺاهيندا آهن. سچي پيش جي نشاني اها آهي ته اها ڌڪ هڻڻ سان ٽٽي نه پر مُڃ وانگر ٿي پوي. اهڙي پيش گهڻو ڪري نئن گاج جي اوسي پاسي ملي ٿي، جنهن مان کٽ جو واڻ ۽ رسا وغيره ٺاهيا وڃن ٿا. ان جي ابتڙ ڪوڙي پيش، ڌڪ لڳڻ سان ٽٽي پوي ٿو. ڌنار اڪثر پيش جي پنن مان هڪ ننڍري ڇڄ جهڙو ٿانو ٺاهيندا آهن، جنهن کي ’ڪلورو‘ ڪوٺين. ڌراڙ ڪلورو پاڻي پيئڻ، کير وغيره ڏوڻ جي ڪم آڻين ٿا. پيش جي ڪچڙين شاخن مان نڪرندڙ ڳڀ ماڻهن جي مرغوب غذا آهي. ان کان سواءِ پيش جي پاڙ سيهڙ شوق سان کائيندو آهي. پيش جي پنن ۾ ڪاري ڪپهه جهڙي نرم شيءِ ڦٽي ٿي، جيڪا چقمق جي مدد سان باهه ٻارڻ جي ڪم اچي ٿي. پيش هتان جي ماڻهن جي گذران جو وڏو ذريعو آهي. هو ان مان تڏا، ڇليون، ٽٻڻيون، سواس (پيرن مان پائڻ لاءِ جتي)، پروڻ (اٽي ڇاڻڻ لاءِ)، تڪڙو (ننڍو تڏوپلو (مال لاءِ چارو، بهه وغيره رکڻ لاءِ) ٺاهين. پيش ڪاڇي جي جابلو علائقي خاص طور گورک جبل تي قدرتي طور گهڻي ٿئي ٿي. ان کان سواءِ هنن جبلن ۾ ڪوڙ، ڪانهيرو، کيرڻون، ڳنواهي، پوٽي، آسابند، مرون گڻ، نازبوءِ، اڪڙي، ليوار، تريخ، گشترو وغيره ٻوٽا پيدا ٿين ٿا. پيش دادوءَ ضلعي جي جبلن جي پاڻيءَ وارين جاين تي ٿئي ٿي. پيش مان تڏا، مصلا، نکون، ڇٻا ۽ ٽٻڻيون ٺاهيندا آهن. پيش جوهيءَ مان اٺن تي کڻي پوءِ شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن. دادو تعلقي جي ڳوٺ ستياري، پاٽ ۽ پُئي (خان برهماڻي'>احمد خان برهماڻي) ۾ پيش جو ڪم ٿئي ٿو. سيوهڻ تعلقي ۾ سامتياڻن ۽ مناهين ۾ پيش جو ڪم ٿئي ٿو، پر دادو ضلعي جي ڪاڇي جي پيش، خيرپور ناٿن شاهه جي فقير محمد برهماڻي ڳوٺ تائين پهچي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو